ثناءُ الله عباسي ڊاڪٽر

ثناءُ الله عباسي ڊاڪٽر

ثناءُ الله عباسي ڊاڪٽر

ثناءُ الله عباسي، ڊاڪٽر: سنڌ جو نامور پوليس عملدار ثناءُ الله عباسيءَ، 20 آڪٽوبر 1964ع ۾ فضل الله عباسيءَ جي گهر، لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمريءَ کان انٽر تائين تعليم لاڙڪاڻي شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس ڪيائين، گڏوگڏ چٽاڀيٽيءَ واري امتحان جي تياري به ڪندو رهيو. ان کانپوءِ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪرمنالاجيءَ ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن ۾ هن ’ڪراچي شهر ۾ گاڏين جي چوري‘ عنوان سان هڪ ٿيسز لکي، جنهن تمام وڏي مشهوري ماڻي.
ثناءُ الله عباسي، پرائمريءَ کان گرئجوئيشن تائين امتحانن ۾ پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. هو مقابلي جو امتحان پاس ڪري اَي. ايس. پي طور پوليس کاتي ۾ داخل ٿيو، جنهن عهدي تي بهاولپور، حاصلپور، خيرپور ٽامي والي، اوڪاڙه شهر، ڏکڻ وزيرستان ۽ پشاور ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانپوءِ سنڌ صوبي ۾ اي. ايس. پي سکر، اي. ايس. پي ڪراچي ايسٽ، ويسٽ ۽ سينٽرل مقرر ٿيو. هو وزيراعليٰ سنڌ جو پي. ايس. او به رهي چڪو آهي. نوشهري فيروز، شڪارپور، جيڪب آباد جي اي. ايس. پي رهڻ کانپوءِ بلديه ڪراچيءَ ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر جو پرنسپال، ايس. ايس. پي ملير، ايس. پي اسپيشل برانچ، 2007ع ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل جو ايس. ايس. پي، ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف. آءِ. اي ڪراچي، حيدرآباد، ٽي. پي. او گلشن اقبال ۽ ٽي. پي. او صدر ڪراچيءَ طور خدمتون پڻ سرانجام ڏئي چڪو آهي. هي ڪجهه وقت اسسٽنٽ ڊي. آءِ. جي ڪرائمس اينڊ آپريشنز حيدرآباد، 2012ع ۾ اسسٽنٽ ڊي. آءِ. جي (ائڊمن) ٽريفڪ حيدرآباد، لاڙڪاڻي ريجن جو ڊي. آءِ. جي ٿي رهيو ۽ هن وقت ڊي. آءِ. جي پوليس حيدرآباد جي عهدي تي فائز آهي. هن جي پي. ايڇ. ڊي جو تحقيقي ڪم پڻ جاري آهي.
ثناءُ الله عباسي سنڌ جو بي ڊپو ۽ قابل پوليس آفيسر آهي. ڪيترن ئي پيچيده ڪيسن جي جاچ سندس حوالي رهي آهي. سندس ايمانداريءَ ۽ انصاف سبب هو اڪثر دٻاون ۽ بدلين جو شڪار رهيو آهي، پر ساڳئي وقت غريب ماڻهن جي محبتن سندس حوصلو بلند رکيو آهي.
ڪرمنالاجيءَ تي لکيل سندس ٿيسز جو ترجمو رشيد مڱريي ڪيو ۽ ان کي وير پبليڪيشن جي سربراهه ستار وسطڙي، جولاءِ 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب ثناءُ الله عباسيءَ ’پنهنجي عزيز والدين ۽ ٻارن کي‘ منسوب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ عباسي صاحب گاڏين چوري ڪندڙ گروهن جي سماجي حيثيت ۽ ان عمل لاءِ راغب ٿيڻ ۾ سماجي ۽ نفسياتي رُخن کي غور هيٺ آڻي، گاڏين چوري ٿيڻ جي ٻاهرينءَ دنيا جي ملڪن سان گڏ پاڪستان ۾ ٿيندڙ واقعن جو مڪمل تفصيل ڏنو آهي ۽ ڏوهن کي روڪڻ ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيندڙ ادارن جا تفصيل ۽ ڪارگذاري به بيان ڪئي آهي.
ثناءُ الله عباسيءَ کي سندس ايمانداري، فرض شناسي ۽ بهادريءَ سبب جتي سنڌي سماج ۾ عزت ۽ نيڪنامي ملي آهي، اتي هن کي جوڳي مڃتا پڻ ملي آهي. 2012ع ۾ صدر پاڪستان طرفان کيس قائداعظم پوليس ميڊل ڏئي سندس خدمتن جي مڃتا ڪئي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.10.20  عيسوي

سنڌ جو نامور پوليس عملدار ثناءُ الله عباسيءَ، 20 آڪٽوبر 1964ع ۾ فضل الله عباسيءَ جي گهر، لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پورس
عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر
شاهه ولي خان
جوهر شوڪت علي مولانا
سيد گوهر علي شاهه صوفي
حنيف محمد
ڊبليو ايڇ هيولاڪ
سيد دادن شاهه جهانيان
عطيه فيضي
حڪيم شيخ محمد بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون